سنڌ ۾ آبپاشيءَ جو سرشتو

سنڌ ۾ آبپاشيءَ جو سرشتو

سنڌ ۾ آبپاشيءَ جو سرشتو

سنڌ ۾ آبپاشيءَ جو سرشتو

سنڌ ۾ آبپاشيءَ جو سرشتو

سنڌ ۾ آبپاشيءَ جو سرشتو: سنڌ بنيادي طرح زرعي خطو آهي. هتي جي آسودگيءَ جو سڄو دارومدار سنڌو درياهه جي پاڻيءَ تي آهي، جنهن جي ڊيگهه اٽڪل
850 ميل آهي، جيڪو سندس ڪُل ڊيگهه جو ٽيون حصو آهي. منجهانئس اٽڪل 22000 ڪيوسڪن کان 110,000 ڪيوسڪ پاڻي نيڪال ٿئي ٿو. سنڌوءَ تي جيڪو هٿرادو آبپاشيءَ جو سرشتو وجود ۾ آيو، اهو دنيا جي سڀ کان وڏن آبپاشي سرشتن مان هڪ آهي.
سنڌ جو آبپاشي سرشتو پنهنجن طبعي حالتن جي ڪري منفرد آهي، زمين جو مٿاڇرو في ميل 7 کان 9 انچ جهَڪو آهي، جنهنڪري هتي ڪيڏي به ڊيگهه وارا واهه کوٽي سگهجن ٿا. درياهه جو پيٽ زمين جي سطح کان مٿڀرو ۽ ٻنهي پاسن کان زمين هيٺ هجڻ سبب ماضيءَ ۾ مسلسل ٻوڏون اينديون رهيون آهن. ميداني سطح جي هيٺ هجڻ ڪري درياهه رخ بدلائيندو رهيو آهي. انهن مخصوص جاگرافيائي حالتن جي ڪري سنڌوءَ جي آبپاشي سرشتي جو دارومدار واهن جي ڄار وڇائڻ تي رکيو ويو، جن ۾ پاڻيءَ جي ورهاست ۽ ضابطي لاءِ بئراجن جي ضرورت هئي. بئراجن جي اڏجڻ کان اڳ فقط خريف جو فصل پوکي سگهبو هو، جيڪو واهن ۾ ٻوڏ جي پاڻي اچڻ سان ٿيندو هو ۽ ربيع جو فصل گهڻي ڀاڱي بوسي ٿيندو هو.
سنڌ ۾ آبپاشي نظام جي تاريخ:
آڳاٽي زماني ۾ سنڌ اندر آبپاشيءَ جو باقاعدي سرشتو موجود هو، اُن جي خبر قديم آثارن مان پوي ٿي. جيتوڻيڪ موهن جي دڙي جي کوٽائي ايڏيءَ گهڻي ايراضي ۾ ٿي نه سگهي آهي، جنهن مان واهن ۽ ڪڙين رستي آبپاشيءَ جي ڪنهن خاص نظام جي صورت پڌري ٿئي، پر هن ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته سنڌ جا تڏهوڪا رهاڪو سنڌوءَ جي پاڻيءَ کي ڪنهن باقاعدي رٿا سان استعمال هيٺ آڻيندا هئا. آبپاشيءَ جو اهو قديم سرشتو اڻپورو ۽ ناقص هو، جنهن ۾ واهن جي کوٽائيءَ جي ڪا ترتيب ڪانه هئي. اهي ڏنگن ڦڏن وهڪرن جي صورت ۾ هئا. 1843ع ۾ انگريزن جي اچڻ تائين هيٺيان ٻه طريقا رائج هئا:
(1) نار جي ذريعي پاڻي ڇڪڻ ۽
(2) هيٺانهينءَ زمين ڏانهن ڪڙين رستي پاڻي نيڻ.
1830ع ۾ ليفٽيننٽ برنس اُلهندي ناري مان واهن ڪڍڻ جي رٿا پيش ڪئي. 1851ع ۾ جان جيڪب بيگاري ڪئنال ۽ ڊيزرٽ ڪئنال لاءِ رٿ پيش ڪئي.
1859ع ڌاري لفيٽيننٽ فائيف، جنهن کي سنڌ ۾ جديد آبپاشيءَ جو بنياد وجهندڙ چئجي ٿو، ان سنڌ ۾ واهن ۽ ڪئنالن جي هڪ وسيع ۽ پختي سرشتي جا امڪان ويچار هيٺ آندا، جنهن موجب ڪن شاخن جي کوٽائي مڪمل ڪئي وئي، ائين واهن جي ڊيگهه
7441 ميلن تائين پهچي وئي ۽ انهن جي دائري ۾ 929، 23، 29 ايڪڙ زمين آباديءَ هيٺ اچي وئي. 1907ع ۾ آبپاشيءَ جي انهيءَ سرشتي ۾ وڌيڪ بهتري آڻي، نوان ڪئنال وجود ۾ آندا ويا. وڏين ٻوڏن جي حالت ۾ ٻنين کي بچائڻ لاءِ درياهه جي ٻنهي پاسي بچاءَ بندن جي رٿا تي پڻ عمل ڪيو ويو.
سنڌوءَ کي جيڪا ٻوڏ جي پراڻي عادت هئي، تنهن هڪ حوالي سان سنڌ کي زبردست فائدو ڏنو، ان منجهان اها سوچ پيدا ٿي ته هتي آبپاشيءَ جو ڪو دائمي سرشتو وجود ۾ آڻجي، جيئن پاڻيءَ جي ورهاست وسيلي ان کي ضابطي ۾ رکي سگهجي. ان لاءِ 1846ع تائين ڪيتريون ئي رٿائون ويچار هيٺ آنديون ويون، پر 1916ع تائين ڪا به رٿ عمل هيٺ اچي نه سگهي. نيٺ ان وقت جي گورنر لارڊ لائيڊ سکر وٽ بئراج تعمير ڪرڻ جي پهرين ۽ مڪمل رٿا سنجيدگيءَ سان هٿ ۾ کنئي.
دنيا ۾ پنهنجي نوعيت جي سڀ کان وڏي ان بئراج جو ڪم 1923ع ۾ شروع ڪيو ويو ۽ 1932ع ۾ اهو جڙي راس ٿيو. 13 جنوري 1932ع تي ان جو رسمي افتتاح ڪيو ويو. ان ريت سنڌ ۾ آبپاشيءَ جو اهو پهريون دائمي وسيلو وجود ۾ آيو. سکر بئراج ۾ سنڌوءَ جي کاٻي پاسي 4 ۽ ساڄي پاسي کان 3 ڪئنال آهن، جن جي والاريل ايراضي هن ريت آهي:
کاٻي پاسي:
روهڙي ڪئنال: 2,837,000 ايڪڙ
اولهه ۽ اوڀر فيڊر ڪئنال، خيرپور
800,000 ايڪڙ
اڀرندو نارو 2,140,000 ايڪڙ
ساڄي پاسي:
اتر- الهندو ڪئنال: 1,027,085 ايڪڙ
رائيس ڪئنال 547,885 ايڪڙ
دادو ڪئنال 598,464 ايڪڙ
هي ڪئنال پنهنجين شاخن سميت اٽڪل 6400 ميل ڊگها آهن ۽ انهن جي مٿان اٽڪل 2000 پليون ۽ ريگيوليٽر ٺهيل آهن. اهي اهڙيءَ ريت ٺهيل آهن، جو هر سال انهن جي وسيلي 55 لک ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي. انهيءَ سرشتي هيٺ ساڄي پاسي جيڪب آباد، سکر، لاڙڪاڻي، دادو، نصيرآباد ۽ بلوچستان ۽ کاٻي پاسي نوابشاهه، ٿرپارڪر، حيدرآباد ۽ خيرپور جي ڪافي ايراضي بئراج جي آباديءَ هيٺ آندي وئي.
جڏهن سکر بئراج کليو ته لاڙ جي آبادگارن اهو اعتراض اٿاريو هو ته سندن زمينن لاءِ پاڻيءَ جو مقدار گهٽجي ويندو، اها ڳالهه اڳتي هلي هڪٻئي بئراج، ’ڪوٽڙي بئراج‘ جي تعمير جو بنياد بڻي. اهو بئراج ڄامشوري وٽ 1954ع ۾ جڙي راس ٿيو. هن بئراج جي حد ۾ 27 لک ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي، هن جي کاٻي پاسي ٽي واهه آهن، جن ۾: ڦليلي، پيڃاري ۽ لائينڊ چئنل شامل آهن. ساڄي پاسي هڪڙو واهه، ڪلري بگهاڙ آهي. هن تي گهڻي ڀاڱي ٺٽي، حيدرآباد ۽ ٿرپارڪر ضلعن جي زمين سيراب ٿئي ٿي.
سري جون زمينون اڃا به اڳي وانگر سيلابي واهن ۽ نئين تي آباد ٿي رهيون آهن. سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج ترتيبوار وچولي ۽ لاڙ جي زمينن لاءِ دائمي آبپاشيءَ جو وسيلو هئا، پر سکر کان مٿي واري ايراضيءَ ڏانهن انهن جي پهچ ڪا نه هئي. ان کوٽ جي پورائيءَ لاءِ گڊو وٽ نئون ’گڊو بئراج‘ ٺاهيو ويو. هي بئراج پنهنجي حد اندر فقط خريف جي موسم ۾ پاڻي پهچائي ٿو، جڏهن ته اپريل کان آڪٽوبر تائين درياهه ۾ پاڻيءَ جي سطح مٿي هوندي آهي. ربيع جي موسم ۾ پاڻيءَ جي پيچ رڳو تڏهن ٿي سگهي ٿي، جڏهن موسم جي شروعات ۾ڪا چڱي اٿل اچي. هن بئراج جي رٿا هيٺ 26 لک ايڪڙ زمين سيراب ٿئي ٿي. هن جي ساڄي پاسي ٻه فيڊرل ڪئنال ڪڍيا ويا آهن ۽ کاٻي پاسي هڪڙو فيڊرل ڪئنال ڪڍيو ويو آهي. انهن ٽنهي کي وري اڳين چوڏهن واهن سان ملائي، نئين سر سڌاريو ويو آهي.
سنڌ ۾ آبپاشي سرشتو، جيڪو سڌريل دنيا جو وڏو ۽ جديد ترين سرشتو آهي، سو ڪيترائي مرحلا طئي ڪري وجود ۾ آيو آهي. (وڌيڪ ڏسو: ’سيڊا‘ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد اٺون ۽ ’آبپاشي‘، جلد پهريون)


هن صفحي کي شيئر ڪريو